جديد سياست جا نَوَ رتن

جديد سياست جا نَوَ رتن

جديد سياست جا نَوَ رتن

جديد سياست جا نَوَ رتن

جديد سياست جا نَوَ رتن

جديد سياست جا نَوَ رتن (ڪتاب ):’جديد سياست جا نوَ رتن‘ ڪتاب نامور سياستدان، عالم ۽ جديد قومپرستيءَ جي باني، جي. ايم. سيد جي تصنيف ڪيل اهم ڪتابن مان هڪ آهي. هِن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد، برصغير جي نوَن (9) مکيه سياسي رهنمائن- ڊاڪٽر ايني بيسنت، مهاتما موهنداس ڪرمچند گانڌي، پنڊت جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سردار ولڀ ڀائي پٽيل، سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان، مولانا محمد علي جوهر، علامه شيخ محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي شخصي زندگين، مذهبي، سياسي ڪردار ۽ سياسي نظرين جو غير جانبدرانه ۽ تنقيدي جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل رهنمائن بابت سند وارو مواد شامل آهي.
ڪتاب جو انتساب، جي. ايم. سيد پنهنجي سياسي رفيق ۽ دوست بزرگ سيد حسن بخش شاهه محرابپور (سڪرنڊ) واري جي نالي ڪيو آهي.
پس لفظ ۾ جي. ايم. سيد لکيو آهي ته: ”گذشته مني صديءَ ۾ هن برصغير ۾ سوين قومي ڪارڪن، مذهبي ۽ سماجي سڌارڪ ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، جن ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ۾ عمريون صرف ڪري ڇڏيون ۽ ڪشٽ ڪاٽيا. ليڪن انهن سڀني ۾ هتي بيان ڪيل بزرگن جا ڪارناما خاص اهميت وارا آهن. انهن جي ئي سياسي نظرين، ڪارگذارين ۽ پاليسين، ملڪي سياست تي گهڻو اثر ڪيو ۽ اڄ تائين ملڪي سياست انهن جي ايجاد ڪيل سياسي نظرين ۽ عروج ڪيل پاليسين کان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. انهن کي برصغير جي سياسي آسمان جا چمڪندڙ ستارا سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.“
ڊيمي سائيز جي 212 صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جون 1967ع ۾ نور محمد پليجي، حيدري پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپائي، ٻني، سنڌ مان پڌرو ڪيو ۽ اُن جي قيمت ٽي روپيا هئي. هن ڪتاب تي ايوبي مارشل لا دوران بندش پئجي وئي. هن ڪتاب جا ٽي ڇاپا جي. ايم. سيد اڪيڊمي سن پاران 1984، 1992 ۽ 1997ع ۾ ڇپايا ويا، پهرين ڇاپي جي قيمت ٽي روپيا، ٻئي ڇاپي جي قيمت 80 روپيا ۽ ٽئين ڇاپي جي قيمت 100 روپيا رکيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو